جڳ مڙيو ئي سپنو

جڳ مڙيو ئي سپنو

جڳ مڙيو ئي سپنو

جڳ مڙيو ئي سپنو (ڪتاب ):مهان شاعر شيخ اياز جو هي ڪتاب ’جڳ مڙيو ئي سپنو‘ سندس آتم ڪٿا جو پهريون جلد آهي، جنهن ۾ شيخ اياز ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ واري زندگيءَ جون يادگيريون لکيون آهن ۽ ورهاڱي سبب جيڪا لڏ پلاڻ ٿي ان جو به ذڪر بار بار ڪيو اٿس. هڪ هنڌ شيخ اياز لکي ٿو ته: ”1947ع ۾ منهنجا ادبي دوست ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، ارجن شاد، موهن پنجابي، نارائڻ شيام ۽ ٻيا ڪيترا يار، جن سان ڪراچيءَ ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون، اهي سرحد پار وڃي نڪتا هئا. ڪراچيءَ ۾ منهنجا ادبي دوست رڳو ٻه وڃي رهيا هئا. محمد ابراهيم جويو ۽ سوڀو گيانچنداڻي.“ جڳ مڙيو ئي سپنو ۾ شيخ اياز شڪارپور ۽ ڪراچي ۾ رهائش، تعليم ۽ ادبي سرگرمين جو احوال ۽ ان کان سواءِ مختلف هنڌن جون يادگيريون پڻ ڏنيون آهن ۽ مختلف ماڻهن سان ڪچهرين جي باري ۾ پڻ لکيو اٿس. ڪتاب ۾ شيخ اياز جون گهر ڀاتين ۽ ماسڪو ۾ بانو قدسيه ۽ ٻين سان گڏ تصويرون پڻ ڏنل آهن. 1985ع ۾ سڳنڌ پبلڪيشن لاڙڪاڻي طرفان ڪرائون سائيز ۾ شايع ڪيل هيءُ ڪتاب 136 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪتاب جي قيمت 18 روپيا ڄاڻايل آهي .


لفظ جڳ مڙيو ئي سپنوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو